آءِ ايم ايف پاران ميمبر ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرز فنڊنگ جو اعلان

آئي ايم ايف

آءِ ايم ايف ميمبر ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرن جي فنڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو  جيڪو ان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فنڊنگ آهي.

آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن کي ڪورونا تي ضابطو آڻڻ فنڊنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، فنڊنگ ذريعي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کي 275 ارب ڊالر فرام ڪيا ويندا.

پڌرائيءَ موجب آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ سمورن ميمبر ملڪن لاءِ فنڊنگ 23 آگسٽ کان دستياب ٿي سگھندي.

اسٽيٽ بينڪ جي ذريعن جوچوڻ آهي ته پاڪستان کي ان فيصلي سان 2 ارب 80 ڪروڊ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي ۽ اها رقم هلندڙ مهيني جي آخر تائين ملڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو اچي رهيا آهن: ناصر شاهه

Read Next

ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسين ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ڪارڪردگي بهتر بڻائي: فواد چوڌري

Most Popular