ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو اچي رهيا آهن: ناصر شاهه

سنڌ جي اطلاعات بابت وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ اچي رهيا آهن.

خانگي ٽي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بنگالي ۽ برمين جي علائقن ۾  به ويڪسينيشن سينٽر کوليا ويا آهن جڏهن ته ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽرز کولي رهيا آهيون، ان کان سواءِ گرين لائين جي ٽريڪ تي ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.

ناصر شاهه چيو ته جن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهي انهن جي به ويڪسينيشن ٿيڻ گھرجي ۽ ويڪسينيشن ايتري موجود نه آهي جيترا ماڻهو ويڪسينيشن لاءِ اچي رهيا آهن.

Read Previous

وزيراعظم هائوس کي آمدني جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو

Read Next

آءِ ايم ايف پاران ميمبر ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرز فنڊنگ جو اعلان

Most Popular