ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسين ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ڪارڪردگي بهتر بڻائي: فواد چوڌري

سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز ملڪي نظام کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته شهباز شريف جو ان حوالي سان بيان سٺو آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسينيشن ٿي آهي، سنڌ حڪومت ڪارڪردگي بهتر بڻائي.

فواد چوڌري ڪابينا اجلاس تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 27 سيڪڙو ڪورونا ويڪسينيشن ٿي وئي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت پنهنجو گريبان ڏسي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائي.سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پوئتي آهي، وفاق سنڌ حڪومت کي گهڻي عرصي کان سٺي گورننس جو چوندو پيو اچي.

وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب مان وڌيڪ 23 قيدي پاڪستان پهچي ويا آهن، سڄي دنيا مان ننڍن ڏوهن ۾ ملوث پاڪستاني قيدي سوَن جي انگ ۾ واپس پهچي رهيا آهن. وزيراعظم کي سمنڊ پار پاڪستانين جي ڳڻتي آهي. سعودي عرب ۾ مزورن جو خيال نه ڪرڻ تي سڄو سفارتخانو مٽايو ويو آهي، وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي خاص هدايتون ڏنيون آهن ته سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ٿي وئي آهي، بابر اعواڻ، شبلي فراز ۽ امين الحق ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏيندا. جيڪڏهن جمهوريت کي هلائڻو آهي ته نظام کي هلڻ ڏنو وڃي، شهباز شريف جو نظام جي باري ۾ بيان سٺو آهي، نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻيا جيڪي اسيمبلي کان ٻاهر آهن اهي نظام تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي چونڊيل ميمبرن آهن رڳو انهن سان ئي ڳالهيون ٿينديون، نواز شريف ۽ الطاف حسين پارٽي جا سربراهه نٿا بڻجي سگهن.

هن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ پوليس، پيسو ۽ بيوروڪريس ڪشمير حڪومت وٽ هئي پر اليڪشين هارائڻ کانپوءِ دانڌلي جو الزام وري وفاقي حڪومت تي لڳايو پيو وڃي.

وفاقي وزير چيو آهي ته اسلام آباد جي گرين ايريا ۾ حددخليون ختم ڪرايون وينديون، گرين ايريا وٽ قائم نيول، فضائيه ۽ اسلام آباد پوليس جون حد دخليون ختم ڪرايون ويون آهن، وزيراعظم بغير ڪنهن فرق جي حددخلين خلاف آپريشن جو حڪم ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ گهربل مجاهد پرويز کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني ڇڏي آهي، ڪپهه جي في مڻ جو امدادي اگهه 5 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ڪابينا وفاقي وزيرن سميت سمورن وزيرن جون پگهارون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رڳو سوِل سرونٽس جون پگهارون وڌايون وينديون.

Read Previous

آءِ ايم ايف پاران ميمبر ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرز فنڊنگ جو اعلان

Read Next

شاهد آفريدي ڪي پي ايل ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

Most Popular