شاهد آفريدي ڪي پي ايل ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ناليوارو آل رائونڊر شاهد آفريدي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ پرجوش نظر اچي رهيو آهي.

شاهد آفريدي ٽوئيٽر تي پنهنجي مظفرآباد جي حسين نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ واري هڪ تصوير ۽ هڪ ڪشمير جي نظارن جي تصوير شيئر ڪئي آهي.

هُن تصوير جي ڪيپشن ۾لکيو آهي ته ”خوبصورت مظفرآباد“، ڪي پي ايل کيڏڻ لاءِ هتي اچڻ تمام سٺو احساس آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڪشمير جي نوجوانن لاءِ اهو هڪ بهترين موقعو آهي ته اهي هڪ وڏي مرحلي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن.

Read Previous

ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ ويڪسين ڪئي وئي، سنڌ حڪومت ڪارڪردگي بهتر بڻائي: فواد چوڌري

Read Next

آمريڪا جو روسي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

Most Popular