سام سنگ هلندڙ سال جي سستي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

سام سنگ هلندڙ سال جي سستي موبائل فون گليڪسي اي 03 آڻڻ لاءِ تيار آهي.

سام سنگ گليڪسي اي سيريز جون موبائلون انٽري ليول فيچرز سان ڀرپور هونديون آهن ۽ ٻين فونن جي ڀيٽ ۾ سستيون هونديون آهن.

گليڪسي اي 02 ۽ اي 02 ايس هن وقت سام سنگ جون سستيون ترين موبائل فونون آهن، جن کي گذريل سال جي آخر ۾ آندو ويو هو ۽ هاڻي ڪمپني ان جو اپ ڊيٽ ماڊل پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي.

گليڪسي اي 02 ايس جو سپورٽ پيج سام سنگ جي هڪ آفيشل ويب سائيٽ تي لائيو ڪيو ويو آهي، جنهن سان اشارو ملي ٿو ته ان کي جلد متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته گليڪسي اي 03 ايس بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.

Read Previous

عائزا خان جي ماڌوري جي انداز ۾ ڊانس وائرل

Read Next

چيف جسٽس خلاف غيرمناسب ٻولي ڳالهائڻ تي 2 وزيرن سميت پيپلزپارٽي جا 15 اڳواڻ طلب

Most Popular