عائزا خان جي ماڌوري جي انداز ۾ ڊانس وائرل

)اداڪارا عائزا خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ماڌوري ڊڪشٽ جي گاني تي ڊانس ڪري رهي آهي.

عائزا خان پنهنجي نئين ڊرامي ”لاپتا“ ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ڪردار جي گهرج موجب ڊرامي ۾ باليووڊ ۽ لالي ووڊ جي ڪيترن ئي روپن ۾ نظر ايندي، جن ۾ ميڊم نورجهان، سري ديوي، ماڌوري ڊڪشٽ، ڪاجول ۽ ماهرا خان شامل آهن.

عائزا خان اداڪارائن جي روپ ۾ پنهنجون جهلڪيون سوشل ميڊيا تي اڳواٽ ئي شيئر ڪري چڪي آهي، گذريل رات هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ڊانسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشٽ جي جڳ مشهور گاني ”آجا نچ لي“ تي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي.

Read Previous

آمريڪا جو روسي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

Read Next

سام سنگ هلندڙ سال جي سستي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

Most Popular