والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل وادي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن.

ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي جڏهن ته والاريل وادي ۾ به مڪمل هڙتال آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بدترين رياستي جبر جاري آهي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن.

آرمي چيف چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سلامتي بحران علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي، ڪشميرين جي اميدن تحت تڪرارن جي حل کان سواءِ امن ممڪن نه آحي.

Read Previous

”پاڪستان والاريل ڪشمير کي آزاد ڪرائي رهندو“

Read Next

مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular