”پاڪستان والاريل ڪشمير کي آزاد ڪرائي رهندو“

سڄي دنيا جيان اڄ پاڪستان ۽ سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙ ڪشميري والاريل وادي جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ به والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي ڏينهن لاءِ ريليون ڪڍيون ۽ تقريبون رٿيون پيون وڃن.

اسلام آباد ۾ صدر عارف عارف علوي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ غلام سرور سميت ٻيون شخصيتون ۽ عوام جو وڏو انگ والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلين ۾ شرڪت ڪئي ، صبح جو 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ٽريفڪ کي به روڪيو ويو.

صدر عارف علوي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿيندو پاڪستان جو ڪو به شخص چپ ڪري نه ويهندو.

پاڪستان جي صدر ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط قوم آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع وارو قدم واپس وٺڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون.

Read Previous

ٽوڪيو اولمپڪس: ارشد نديم جيولين ٿرو مقابلن جي فائلن ۾ پهچي ويو

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن: آرمي چيف

Most Popular