مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو.

مرتضيٰ وهاب کان اڳ موجود ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر 20 گريڊ جي آفيسر لئيق احمد کي ٻئي هنڌ ٽرانسفر ڪيو ويو آهي

سنڌ حڪومت طرفان مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي.

لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ضمير احمد عباسي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي.

واضح رهي ته مرتضيٰ وهاب سنڌ حڪومت جي ترجمان سان گڏ وڏي وزير جو قانون ۽ ماحوليات جي مشير طور ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن: آرمي چيف

Read Next

جنت مرزا ايوارڊ شوز مٿان پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular