ٽوڪيو اولمپڪس: ارشد نديم جيولين ٿرو مقابلن جي فائلن ۾ پهچي ويو

)پاڪستان جو ارشد نديم ٽوڪيو اولپڪس ۾ جيولين ٿرو مقابلن جي فائنل ۾ پهچي چڪيو آهي ۽ هو اولمپڪس ايٿليٽڪس مقابلن جي فائنل تائين پهچڻ وارو پهريون پاڪستاني ايٿليٽ بڻجي ويو آهي.

ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو جون گروپ ميچون اربع جي صبح تي ٿيون جن ۾ پاڪستان جي ارشد نديم گروپ بي ۾ شامل هو.

ايونٽ ۾ شريڪ ايٿليٽس کي فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ 83.5 جي ٿرو گهربل هئي، ارشد نديم پهرين ڀيري ۾ 78.5 جي ٿرو ڪري سگهيو پر ٻئي ڀيري ۾ هن 85.16 جي ٿرو ڪري پاڻ کي فائنل لاءِ ڪوائيليفاءِ ڪري ورتو.

اها ارشد نديم جي پنهنجي ڪيريئر جي ٽئين بهتري ٿرو هئي اهو 85.16 جي ٿرو سان گڏ گروپ بي ۾ پهرين پوزيشن تي رهيو جڏهن ته گروپن ۾ گڏيل طور سندس ٿرو ٽئين نمبر تي رهي.

ٻئي پاسي قومي ٽيم جي ڪرڪيٽر حسن جيڪڏهن ارشد نديم جي اولمپڪس ۾ ميڊل کٽڻ تي کيس انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

آمريڪا جو پاڪستان کان افغان مهاجرن لاءِ سرحدون کولڻ جو مطالبو

Read Next

”پاڪستان والاريل ڪشمير کي آزاد ڪرائي رهندو“

Most Popular