آمريڪا جو پاڪستان کان افغان مهاجرن لاءِ سرحدون کولڻ جو مطالبو

آمريڪا طرفان افغان مهاجرن لاءِ پاڪستاني سرحدون کولڻ جو مطالبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان جاري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌاري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي هڪ سينيئر عهديدار افغان شهرين لاءِ نئين آمريڪي مهاجر پاليسي بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهو ضروري هوندو ته پاڪستان پنهنجون سرحدون افغان مهاجرن لاءِ کليل رکي. جيڪڏهن ماڻهو ڏکڻ طرف يا ايران جي رستي ترڪي ويندا آهن ته کين ملڪ ۾ داخل ٿين سان گڏوگڏ حڪومت يا يون اين ايڇ سي آر ۾ رجسٽر ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي.

Read Previous

مندر واقعو:شرپسندن قومي پرچم ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪندڙ اڇي رنگ جي توهين ڪئي آهي: بلاول

Read Next

ٽوڪيو اولمپڪس: ارشد نديم جيولين ٿرو مقابلن جي فائلن ۾ پهچي ويو

Most Popular