سنڌ ۾ ڪاروبار رات اَٺَ وڳي تائين کولڻ جي اجازت

An overview of Bara market as people shop for supplies ahead of Ramadan in Rawalpindi, Pakistan, June 1, 2016. (Photo by Faisal Mahmood/Reuters)

سنڌ حڪومت سنڌ ۾ لاڪ ڊائون پابنڊين ۾ نرمي جي حوالي سان صوبائي ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

جنهن ۾ 31  آگسٽ تائين نوان حڪم نامه جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ڪاروبار رات جو 8 وڳي تائين کليل رهندو. جڏهن ته جمعو ۽ آچر مڪمل ڪاروبار بند رهندو.

ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ رات 10 وڳي تائين جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شادين جون تقريبون کليل جڳهن تي رات جو 10 وڳي تائين جي اجازت هوندي. جڏهن ته جم ۾ صرف ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت هوندي.

ٽرانسپورٽ تي لڳل پابندي پڻ هٽائي وئي آهي. ڪراٽي، باڪسنگ ۽ ڪٻٽي جهڙين راندين تي پابندي برقرار رهندي. جڏهن ته درگاهن تي حاضري ۽ ميڙاڪن تي مڪمل پابندي رهندي. 

Read Previous

نوان يوٽيوب چئنل ٺاهيندڙن لاءِ خوشخبري

Read Next

بلاول ڀٽو جو تاريخي خطاب، ايندڙ حڪومت ۽ بلوچستان ۾ جيالو وزيراعليٰ آڻڻ جي دعويٰ

Most Popular