بلاول ڀٽو جو تاريخي خطاب، ايندڙ حڪومت ۽ بلوچستان ۾ جيالو وزيراعليٰ آڻڻ جي دعويٰ

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت بڻائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اڳواڻن سميت ٻين جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته اسان گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ بلوچستان ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو جي پيپلزپارٽي پارٽي مضبوط بڻائينداسين ۽ جدوجهد ڪري بلوچستان ۾ هڪ جيالا وزيراعليٰ آڻي ڏيکارينداسين.

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سڄي ملڪ خاص ڪري بلوچستان ۾ حڪومت بڻائينداسين، اسان هڪ جيالو بلوچستان جو وزيراعظم آڻي ڏيکارينداسين ۽ بلوچستان جي مسئلن جو حل به ڪڍي ڏيکارينداسين.

هن چيو ته بلوچستان جا ماڻهو غيرتمند ۽ بهادر ماڻهو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ توهان جو رشتو اڄ جو ناهي پر 3،3 نسلن جو آهي، توهان قائد عوام جو ساٿ ڏنو ۽ اسان تاريخ جوڙي ڏيکاري سين.

Read Previous

سنڌ ۾ ڪاروبار رات اَٺَ وڳي تائين کولڻ جي اجازت

Read Next

پاڪستان دهشتگرد موڪلڻ وارا ڀارتي الزام رد ڪري ڇڏيا

Most Popular