نوان يوٽيوب چئنل ٺاهيندڙن لاءِ خوشخبري

انٽرنيٽ جي سڀ کان مقبول ويڊيو شيئرنگ ۽ اسٽريمنگ ويب سائيٽ يوٽيوب پنهنجي پليٽ فارم تي نئون چئنل ٺاهيندڙ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر ”آن دي رائز“ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

يوٽيوب هڪ هزار کان وڌيڪ سبسڪرائبر رکندڙ چئنلن کي مقبول بڻائڻ لاءِ هڪ پروگرام جي شروعات جو اعلان ڪيو آهي، ان پروگرام کانپوءِ ننڍن يوٽيوبرن کي پليٽ فارم تي مقبول ٿيڻ لاءِ هاڻ جدوجهد نه ڪرڻي پوندي، ڇو ته هاڻ يوٽيوب اها ذميواري پاڻ کڻندو.

يوٽيوب طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اڄ کان اسان انهن تخليق ڪارن کي اجاڳر ڪنداسين، جيڪي پاڪستان ۾ اسان جي ٽرينڊنگ ٽيب جي هڪ نئين سيڪشن ۾ ”آن دي ايئر“ آهن.

پريس رليز موجب هر هفتي هڪ مختلف ڪريئيٽر کي اجاڳر ڪيو ويندو ۽ ”ڪريئيٽر آن دي رائز“ بيج سان گڏ سڄو ڏينهن ڪريئيٽر کي ٽرينڊنگ تي نمايان ڪيو ويندو.

Read Previous

نيپرا بجلي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سنڌ ۾ ڪاروبار رات اَٺَ وڳي تائين کولڻ جي اجازت

Most Popular