حڪومت کي ڊاڪٽر قدير جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جسماني ۽ ذهني کي ڏسندي ٺوس قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾3  رڪني بئنچ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آزاد چرپر بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت چيو اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته درخواست گذار تي حڪومت پابنديون لاڳو ڪيون آهن، ٻڌايو وڃي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قانوني طور ڪنهن ڪنهن سان ملڻ جي اجازت آهي؟

عدالت عظميٰ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، حڪومت سندس جسماني ۽ ذهني صحت کي ڏسندي ٺوس قدم کڻي.

Read Previous

ڪورونا ويڪسين جي ٻئي ڊوز بابت اهم هدايتون جاري

Read Next

اسرائيل ۽ ڀارت اسان جي امن سان کيڏڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

Most Popular