اولمپيئن ارشد نديم کي پاڪستاني اداڪاره ميرا ڪرڪيٽر چئي ويٺي، وڊيو وائرل

اداڪاره ميرا کي انگريزي جي حوالي سان ته گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر هاڻ ان جي هڪ ٻئي غلطي به سامهون اچي وئي آهي جيڪا اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهي آهي.

اداڪاره ميرا صحافين سان ڳالهين دوران ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين تهرو مقابلن جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڪرڪيٽر چئي ويٺي. انسٽا گرام تي ميرا جي نجي ٽي وي چينل سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن کي ايٿليٽ ارشد نديم بابت ڳالهيون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ميرا چيو ته ارشد نديم سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ۽ هن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن سٺي راند کيڏي، راند دوران ان جي محنت نظر اچي رهي هئي.

اداڪاره چيو ته ان جي باڊي لينگويج ۾ ايمانداري نظر اچي رهي هئي. ڊسيپلين هو، ارشد نديم سٺي راند کيڏي. حڪومت کي اسان جي هيروز تي غور ڪرڻ گهرجي.  واضح رهي ته ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو جي فائنل مقابلي ۾ ڪواليفائي جي باوجود ه پاڪستان طرفان ميڊل جي آخري اميد ارشد نديم کي شڪست ملي هئي.

Read Previous

عدالتي حڪمن ۾ ٽڪ ٽاڪ مٿان پابندي جو ذڪر نه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

ڪراچي ۾ آگسٽ جي پهرئين هفتي ڪورونا ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌيڪ تي برقرار

Most Popular