سنڌ سميت ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي زهريلو هجڻ جو انڪشاف

حڪومت طرفان ملڪ جي 29 وڏن شهرن ۾ زهريلي پاڻي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪينسر سميت سنگين بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وزير شبلي فراز طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل تحريري جواب ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي جلد جي خرابي جو سبب بڻجي رهي آهي.

قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اداري پي سي ايس آءِ آر طرفان ورتل پاڻي جي نمونن جي نتيجن موجب ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي گدلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

Read Previous

چونڊون ڪنهن وقت به ٿي سگهن ٿيون، هنن جون رڙيون ٻڌجو: بلاول ڀُٽو

Read Next

جهانگير ترين جي درخواست تي حڪومت کي شگر ملز خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

Most Popular