جهانگير ترين جي درخواست تي حڪومت کي شگر ملز خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ جهانگير ترين جي شگر ملز جي درخواست تي حڪومت کي مشروط طور شگز ملز خلاف ايندڙ ٻڌڻي تائين تاديبي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي شگر ملز کنڊ اگهه مقرر ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ کنڊ جو ريٽ مقرر ڪرڻ کان اڳ شگر ملز مالڪن جو موقف ٻڌڻ جو حڪم ڏنو هو پر عدالتي حڪم باوجود درخواست گذارن کي ٻڌو ئي نه ويو ۽ حڪومت کنڊ جي نئين قيمت 89.50 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته حڪومت جي مقرر اگهه تي کنڊ کپائڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري کنڊ جي قيمت 89.50 رپيا مقرر ڪرڻ جو حڪومتي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Read Previous

سنڌ سميت ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي زهريلو هجڻ جو انڪشاف

Read Next

محرم الحرام دوران سمورا عزادار ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن: شيخ رشيد

Most Popular