محرم الحرام دوران سمورا عزادار ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته محرم الحرام جي دوران سمورا عزادار اين سي او سي جي ايس او پيز تي عمل ڪن. گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڀارتي گهرو وزير جي بيان کي رد ڪريان ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي اندر کان نقصان پهچايو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ ڪابه دخل اندازي نه پئي ٿي. اين ڊي ايس ۽ اسرائيل جي ڪوششن کي شڪست ملندي. پاڪستان کي سرحدن تان ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهي. والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

گهرو وزير چيو ته محرم الحرام ۾ فول پروف سيڪيورٽي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون. ڪنهن جي به عقيدي کي نه ڇيڙينداسين نه پنهنجي عقيدي کي ڇڏينداسين. محرم الحرام جي دوران سمورا عزادار اين سي او سي جي ايس او پيز تي عمل ڪن.

گهرو وزير چيو ته داسو حملي جي حوالي سان سيڪيورٽي ايجنسي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. افغانستان جي سياست سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي. نادرا کي هلائڻ جي لاءِ وزيراعظم کان گائيڊ لائنز وٺنداسين. سمورن جعلي سڃاڻپ ڪارڊن کي ختم ڪري ٻه نمبر ڪارڊ ٺاهيندڙ سمورن آفيسرن کي نادرا مان ڪڍي ڇڏينداسين.

نور مقدم ڪيس بابت شيخ رشيد چيو ته ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا آهن. فاٽا ۾ ٿري جي ۽ فور جي کي 10 محرم تائين بند ڪيو ويو آهي.

Read Previous

جهانگير ترين جي درخواست تي حڪومت کي شگر ملز خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

Read Next

پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ سبب ملڪ ڪمزور ٿيو: وزيراعظم

Most Popular