طالبان ڪابل ۾ داخل، صدارتي محل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

افغان صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صبح ويڙهاڪن کي ڪابل ٻاهران روڪيو ويو هو پر هاڻ اهڙا اطلاع آهن ته ڪابل ۾ سرڪاري آفيسون خالي ٿي ويون آهن ۽ پوليس اهلڪار به ڀَڄي ويا آهن.

هن چيو ته ڪابل ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي هٽي وڃڻ کانپوءِ چورن ۽ ڦورن کان امن کي خطرو آهي، تنهن ڪري ويڙهاڪن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي ڪابل جي انهن علائقن ۾ داخل ٿي وڃن، جتان انتظاميا هٽي چڪي آهي ۽ ڦرلٽ جو خطرو آهي.

ترجمان موجب طالبان طرفان ڪابل جي ڪجهه علائقن ۾ داخل ٿيڻ سان شهري خوفزده نه ٿين.

Read Previous

زڪربرگ، بل گيٽس کان وڏو اعزازکسي ورتو

Read Next

ميڊيا ريگيوليٽري بل رد، چونڊيل ۽ مڙهيل حڪومت ۾ فرق واضح ٿي ويو: مريم اورنگزيب

Most Popular