پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منهنجي پنهنجي ملڪ سان محبت جي ڪا به حد مقرر نه آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام تي شاهد آفريدي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن هن قوم کي آزادي جي مبارڪ ڏني.
بوم بوم آفريدي وڊيو ۾پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيو آهي، گڏ ئي هو پنهنجي گھر کي ڪشميري جهنڊي سميت جهنڊين سان سجائي رهيو آهي.