افغانستان جي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان اهم فيصلو ڪري ورتو.
افغانستان ۾ طالبان جي تيزيءَ سان اڳڀرائي جاري آهي ۽ طالبان ملڪي تخت گاهه ڪابل جو گهيرو ڪري ورتو آهي.
افغان گهرو وزارت به ان حوالي سان تصديق ڪئي آهي ته طالبان سڀني پاسن کان ڪابل ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان طرفان اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.