ديا مير ڀاشا ڊيم منصوبي جو ٺيڪو ڏيڻ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگي جو انڪشاف

آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ديا مير ڀاشا ڊيم جي 442 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي منصوبي جو ٺيڪو ڏيڻ وقت ٻولي جي عمل دوران بي قاعدگي ۽ پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ٿي.

آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ ديا مير ڀاشا ڊيم منصوبي جي ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ۾ بڊنگ اويلوايشن جي سطح تي بي قاعدگي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

آڊٽ سال 21-2020 جي رپورٽ موجب ڀاشا ڊيم منصوبي جي بڊز جي جاچ جي معيار تي سطح تي پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ٿي، ڀاشا ڊيم جو پي سي ون 336 ارب 50 ڪروڙ رپين جو هو، جڏهن ته ٺيڪو 442 ارب 40 ڪروڙ رپين ۾ ڏنو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي جي بڊز جمع ڪرائڻ وقت چيني ڪمپني پاور چائنا وٽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو ڪو لائسنس نه هو، اهو لائسنس بڊنگ ڊاڪيومينٽس جي ڪلاز 3.1 تحت گهربل هو.

آڊٽ رپورٽ موجب پاور چائنا سان گڏ جوائنٽ وينچر ۾ شامل مقامي ڀائيواري ايف ڊبليو او به بڊنگ ڊاڪيومينٽس موجب گذريل 20 سالن ۾ پن بجلي يا آبپاشي شعبي ۾ 3 ارب رپين جو منصوبو لڳائڻ جو شرط پورو نه ڪري رهيو هو.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته منصوبي جي ٻولي جي درخواستن جي طلبي جو اشتهار اخبارن ۾ نه ڏنو ويو، جيڪو مسابقت لاءِ ضروري آهي، ڀاشا ڊيم لاءِ پاور چائنا ۽ ايف ڊبليو او جي معيار تي پورو نه لهڻ سبب رد ڪرڻ گهربو هو.

Read Previous

ڪابل تي قبضو، چين جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

Read Next

موبائل چارجنگ ۾ دير جو مسئلو، سبب ۽ حل

Most Popular