موبائل چارجنگ ۾ دير جو مسئلو، سبب ۽ حل

ڇا توهان جي موبائل فون چارج ٿيڻ ۾ گهڻو وقت وٺندي آهي؟

ان مسئلي جا گهڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا جيڪي اينڊرائيڊ يا آئي فون جي چارجنگ جي رفتار گهٽائي ڇڏيندا آهن پر گهڻي قدر عام سبب تي ضابطو آڻڻ سولو ڪم آهي.

ان لاءِ ”چارجنگ ڪيبل جو استعمال“ سڀ کان اهم آهي.

فون جي چارجنگ جو سڀ کان ڪمزور جُز اها تار (ڪيبل)هوندي آهي جنهن سان فون کي چارج ڪيو ويندو آهي.

ائين به ٿي سگهي ٿو ته چارجنگ واري تار ظاهري طور تي صحيح هجي ۽ ڪو به نقصان نظر نه اچي پر ”يو ايس بي“ تارن کي سدائين اندران نقصان پهچندو آهي، جنهن جي ڪري انهن جي ڪرنٽ پهچائڻ واري صلاحيت گهٽجي ويندي آهي.

جيڪڏهن توهان محسوس ڪيو ته فون جي چارجنگ سست رفتاري سان ٿي رهي آهي ته ان مسئلي جو هڪ آسان ترين هل اها چارجنگ واري ڪيبل مٽائڻ آهي.

تيز ترين چارجنگ جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي ته پاور ايڊاپٽر کي پلگ آئوٽ ۾لڳائي فون کي چارج ڪيو.

ڪمپيوٽر جي يو ايس بي پورٽس ۾ عام طور تي اڍائي واٽ ڪرنٽ هوندو آهي جنهن جي مقابلي ۾ اڄڪلهه فونن سان گڏ ايندڙ چارجر 12 واٽس کان گهٽ ڪرنٽ فراهم ناهن ڪندا، مطلب ته ڪمپيوٽر جي مقابلي ۾ اٽڪل 5 ڀيرا وڌيڪ چارجنگ ڪندا آهن.

ان سان گڏ سڀئي پاور ايڊاپٽر هڪ جهڙا ناهن هوندا، تازو ئي موبائل فونن سان گڏ ايڊاپٽرن کي به وڌيڪ طاقتور بڻايو ويو آهي جيڪي 20 يا ان کان به مٿي واٽ ڪرنٽ فراهم ڪندا آهن، جنهن سان چارجنگ جو وقت گهٽجي ويندو آهي.

حقيقت ۾ نوان پاور ايڊاپٽر پراڻي موبائلن کي چارج ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا جنهن سان انهن جي چارج ٿيڻ وارو عمل تيز ٿي ويندو.

سادن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته پراڻي ايڊاپٽرن جي بدران نوان ايڊاپٽرن موبائل چارج ڪئي وڃي ته جيئن چارجنگ جا بهتر نتاجي ماڻي سگهو.

ان سان گڏ فون ان وقت گهڻو تيزي سان چارج ٿيندو آهي جنهن وقت ان کي مڪمل طور تي پاور آف ڪري چارجنگ تي لڳايو وڃي، جيڪڏهن فون آن هوندي آهي ته چارجر جي توانائي مختلف حصن ۾ ورهائجي ويندي آهي ته جيئن اهو بيڪ گرائونڊ ٽاسڪ ۽ فون کي هلائڻ لاءِ بجلي فراهم ڪري سگهي، جنهن جي ڪري به فون چارج ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳائيندي آهي.

Read Previous

ديا مير ڀاشا ڊيم منصوبي جو ٺيڪو ڏيڻ ۾ اربين رپين جي بي قاعدگي جو انڪشاف

Read Next

ماهه نور بلوچ جي عمر گهڻي آهي؟، اداڪارا بشريٰ انصاري جو انڪشاف

Most Popular