شيخ رشيد جو افغان پناهگيرن جي حوالي سان اهم بيان

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هر ڪرپٽ ماڻهو جي فطرت ملڪ مان ڀڄڻ ئي هوندي آهي، وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي ذهن ۾ فتور هو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، دنيا اسان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهي، ڪو سپر پاور خطي ۾ پاڪستان کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ ڪو افغان پناهگير نه پيو اچي، اسان خلاف هائبرڊ وار جاري آهي ۽ سوشل ميڊيا ان جو سڀ کان مضبوط هٿيار آهي.

اشرف غني بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي ازبڪستان ۾ سمجهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ان جي ذهن ۾ فتور هو، هر ڪرپٽ ماڻهو جي فطرت ۾ شامل هوندو آهي ته اهو ملڪ مان ڀڄي وڃي، ڪرپٽ ماڻهو کي يا لُٽيل ناڻو اڳ ۾ پهچائڻو هوندو آهي يا وري پئسي سان گڏ ويندو آهي.

هن چيو ته گهرو وزارت جون آفيسون 24 ئي ڪلاڪ کليل آهن، سڀني ايئرپورٽن ۽ بارڊرن تي ايميگريشن، ايف آءِ اي ۽ ٻيون اختياريون موجود آهن، ڪوشش آهي ته سفارتڪار ۽ پرڏيهي ميڊيا کي آن ارائيول ويزا ڏني وڃي، پرڏيهي سفارتخانن جي عملي جي تقريبن 900 ماڻهن کي جهازن ذريعي آڻي رهيا آهيون، جڏهن ته اڄ صبح 3 مسافر بسون طورخم سرحد تي ڪليئر ڪيون ويون آهن.

Read Previous

اوگرا گئس اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

پاڪ – افغان ڪرڪيٽ سيريز ٿيندي يا نه؟

Most Popular