اشرف غني جي دبئي ۾ موجودگي جي تصديق

گڏيل عرب امارتن تصديق ڪئي آهي ته افغانستان جو اڳوڻو صدر اشرف غني امارات ۾ موجود آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن اشرف غني کي پناهه ڏني آهي، ان حوالي سان اماراتي پرڏيهي وزير به تصديق ڪئي آهي ته اشرف غني گهر ڀاتين سوڌو اتي موجود آهي.

سندس چوڻ هو ته انساني بنيادن تي اشرف غني جي گڏيل عرب امارتن ۾ آجيان ڪئي وئي.

واضح رهي ته ڪابل تي طالبان جي داخلا کانپوءِ اشرف غني ملڪ مان فرار ٿي ويو هو.

Read Previous

طالبان جو عورتن جي برقعي بابت اهم بيان

Read Next

لاهور واقعو: ڊي آءِ جي سميت اعليٰ آفيسر معطل

Most Popular