مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف افغانستان جي صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان ڪئميرا گهرايو وڃي، جنهن ۾ پيش صورتحال تي غور ويچار ڪيو وڃي.
هن چيو ته قومي ۽ سياسي سطح تي ان مسئلي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان تي امڪاني اثرن جو تفصيلي ۽ گهرائي سان سنجيده تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي صورتحال جا سڄي خطي تي اثر آهن، مَٽجندڙ حالتن ۾ پاڪستان ۾ قومي اتفاق راءِ ۽ هڪ بيانيو اڻٽر آهي، قومي مفادن جو تقاضو آهي ته سڀ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر هڪ پيج تي هجن.
ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن کي عوامي استحصال جا بدترين سال قرار ڏيندي چيو ته عوام اڄ 3 سال اڳ جي پاڪستان کي حسرت سان ياد ڪري رهيا آهن.