سنڌ حڪومت جو 30 آگسٽ کان اڳ اسڪول کوليندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته 30 آگسٽ کان 100 سيڪڙو ويڪسينيشن جي بنياد تي اسڪول کوليا ويندا.

پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته جمعي تي تعليم کاتي جي ورڪنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال ڏسي اسڪول کولڻ جي حوالي سان فيصلو ٿيندو، صحت کاتي جي ايڊوائزري هئي ته وڌيڪ 7 ڏينهن اسڪول بند رکڻا پوندا.

هن چيو ته اسڪول کولڻ کان اڳ مستقل حل ويڪسينيشن آهي، اسڪولن ۾ ويڪسينيشن جا انگ اکر گهٽ هئا پر اڄ اسڪولن جي حوالي سان رپورٽ ملي ته 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته 30 آگسٽ کان 100 سيڪڙو ويڪسينيشن جي بنياد تي تعليمي ادارا کوليا ويندا، ٻارن جي والدين جا به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ضروري آهن، اسڪول انتظاميا ۽ والدين پنهنجي ذميواري کي سمجهن، 40 لک کان وڌيڪ ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا آهن، 100 سيڪڙو ويڪسينيشن کانپوءِ اسڪول کليا ته 50 سيڪڙو حاضري سان کلندا.

Read Previous

پنجشير تي قبضي لاءِ طالبان ۽ مزاحمتي فوج ۾ جنگ شروع

Read Next

وزيراعظم عمران خان رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular