پنجشير تي قبضي لاءِ طالبان ۽ مزاحمتي فوج ۾ جنگ شروع

طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغانستان جو حالتون مٽجي چڪيون آهن سڄي ملڪ تي طالبان قبضو ڪري چڪا آهن ۽ عالمي قوتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪا آهن.

جيتوڻيڪ طالبان کي پنهنجي ڪاررواين ۾ وڏيون ڪاميابيون ملنديون آيون آهن پر تنهن باوجود به طالبان شروعاتي دور کان وٺي هن وقت تائين ڪڏهن به پنجشير صوبي تي قبضو ناهن ڪري سگهيا، جنهن وقت طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا هئا ان وقت به انهن لاءِ پنجشير ۾ داخل ٿيڻ ايڏو آسان ڪم نه هو.

ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغان صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي فرار ٿي چڪو هو جڏهن ته افغان نائب صدر امر الله صالح طالبان سان مزاحمت جو اعلان ڪندي صوبي پنجشير ۾ ترسيل آهي.

ان حوالي سان شروعاتي ڏينهن کان وٺي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته پنجشير صوبي ۾ اڳوڻي ڪمانڊز احمد شاهه مسعود جو پُٽ احمد مسعود ۽ افغان نائب امر الله صالح طالبان سان مقابلي لاءِ گوريلا جنگ جون تياريون ڪري رهيا آهن ۽ اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيون آهن جن ۾ امر الله صالح ۽ احمد مسعود کي گڏ ڏٺو ويو هو.

ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ طالبان اهو اعلان ڪيو هو ته پنجشير جي سڀ کان وڏي مزاحمتي ڌر احمد مسعود طالبان جي حمايت ڪري چڪو آهي.

جڏهن ته احمد مسعود جو طالبان سان سياسي طور گڏجي هلڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جو بيان سامهون آيو هو.

Read Previous

پاڪستان بابت گوگل تي ڇا سرچ ٿيندو آهي؟ حيران ڪندڙ رپورٽ

Read Next

سنڌ حڪومت جو 30 آگسٽ کان اڳ اسڪول کوليندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

Most Popular