وزيراعظم عمران خان رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ ڪامينٽريٽر رميز راجا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بورڊ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان احسان ماني کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ واڌ نه ڏيڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته رميز راجا کي بورڊ جو نئون چيئرمين بڻائڻ جو اشارو به ڏنو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان رميز راجا جو نالو ميمبر طور بورڊ آف گورنرز کي موڪليندو.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو 30 آگسٽ کان اڳ اسڪول کوليندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

Read Next

ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن بابت پاڪستان جو بي خوف بيان

Most Popular