رڳو هڪ سافٽ ڊرنڪ زندگيءَ جا 12 منٽ گهٽائي ڇڏي ٿي

رڳو هڪ سافٽ ڊرنڪ زندگي جا 12 منٽ گهٽائي ڇڏي ٿي، اها دعويٰ هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ غذا جي انساني صحت ۽ ماحول تي جُڙيل اثرن جو جائزو ورتو ويو.

جرنل نيچر فوڊ رسالي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ 5800 کان وڌيڪ غذائي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جي فائديمند يا نقصانڪار هجڻ جي درجي بندي ڪئي وئي.

آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده دور ۾ فاسٽ فوڊ جو استعمال وڌي ويو آهي پر عام واهپي جي بنياد تي اهو ڄاڻڻ تمام ڏکيو هوندو آهي ته افرادي چونڊ ڪنهن حد تائين اسان جي ۽ ماحول جي صحت تي اثرانداز ٿيندي آهي.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته عام واهپي ۾ ڳائي گوشت ۽ پراسيس گوشت مان حاصل مجموعي ڪيلوريز جي رڳو 10 سيڪڙو حصي کي اَن، ميون، سبزين، دالين ۽ مخصوص سي فوڊ سان تبديل ڪري ڇڏڻ صحتمند زندگي ۾ 48 منٽن جي واڌ ڪري سگهي ٿو، اها ئي غذا ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

محققن انساني صحت تي غذا جي اثرن جو ڪاٿو هڪ وڏي تحقيق جي ڊيٽا کي استعمال ڪري لڳايو ۽ نتيجن ۾ ٻڌايو ويو ته زمين تي ڦُٽندڙ ميون، سبزين، دالين ۽ سي فوڊ سان پراسيس گوشت، ڳائي گوشت ۽ ٻين غذائن جي ناڪاري اثرن کي وڏي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

محققن موجب نتيجن سان ثابت ٿئي ٿو ته زندگي گذارڻ ۾ معمولي تبديليون صحت ۽ ماحول لاءِ فائديمند ثابت ٿيندون آهن ۽ غذا ۾ ڊرامائي تبديلين جي به ضرورت ناهي.

Read Previous

اسان جي خواهش آهي افغانستان ۾ امن هجي، اسان دنيا سان گڏجي افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا

Read Next

ڪارڪردگي ڇاجي؟ پي ٽي آءِ ٽن سالن ۾ هر شعبي کي تباهه ڪيو آهي: مولابخش چانڊيو

Most Popular