ڪارڪردگي ڇاجي؟ پي ٽي آءِ ٽن سالن ۾ هر شعبي کي تباهه ڪيو آهي: مولابخش چانڊيو

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊيو تحريڪ انصاف حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

حيدرآباد مان جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت ٽن سالن ۾ هر شعبي کي تباهه ڪيو.

هن چيو ته حڪومت جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي، ڪهڙي ڳالهه تي خوشيون ملهائي رهيا آهن؟، اهو جشن عمران خان جي ملڪ ۾ آندل تباهي جو هوندو.

مولابخش چانڊيو چيو ته ڇا ماڻهن کان روزگار ۽ ماني کسڻ جو جشن ملهايو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته دوائن، بجلي، پيٽرول، گيس ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو جشن ملهايو پيو وڃي؟

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي اهي جشن ملهائي ڇا جو رهيا آهن، انهن ٽن سالن عوام کي ڏنو ڇا آهي، عوام جي فائدي لاءِ ڪو هڪ به قدم ناهي کنيو ويو، مسئلن مٿان مسئلا پيدا ڪري رڳو يوٽرن ئي ورتا ويا آهن، هاڻي واري ڪارڪردگي تي خوشي ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

رڳو هڪ سافٽ ڊرنڪ زندگيءَ جا 12 منٽ گهٽائي ڇڏي ٿي

Read Next

تبديلي سرڪار مريضن کي به نه بخشيو، دوائون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري

Most Popular