ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين ۽ ڪيسن ۾ واڌ

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 91 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4 هزارن کان مٿي نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4075 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.79 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 91 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 25 هزار 94 ٿي ويو.

انگن اکرن موجب ڪورونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 11 لک 31 هزار 659 آهي، جن مان 10 لک 15 هزار 519 صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 91046 آهي.

Read Previous

”عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪو آهي“

Read Next

سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجو مطالبو رکي ڇڏيو

Most Popular