سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ پنهنجو مطالبو رکي ڇڏيو

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تڪراري مردم شماري تي تڪ بنديون نه ٿيون ٿي سگهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان مڪاني چونڊن بابت سڀ درخواستون اليڪشن ڪميشن سامهون رکيون آهن، اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو نه چيو، 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جون خبرون بي بنياد آهن.

هن چيو ته مردم شماري جو معاملو حل ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون نه ٿيڻ گهرجن، مڪاني چونڊون آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجن، سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن جي حق ۾ آهي، درست مردم شماري ڪرائي وڃي ته مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين ۽ ڪيسن ۾ واڌ

Read Next

پاڪستان هليو وڃ، ڀارت ۾ مسلمان شخص ۽ ٻار تي تشدد

Most Popular