اقتصادي رابطه ڪميٽي ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) 2 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 2 لک ٽن کنڊ گهرائڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي شام کي ڪڻڪ  امداد طور ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ماڪڙ کي قابو ڪرڻ جي لاءِ چين مان ڊرون گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اهي ڊرونز پلانٽ اينڊ پروٽيڪشن کاتي کي ڏنا ويندا. چين مان گهرايل ڊرونز هر قسم جي ٽيڪس کان آجا هوندا.

Read Previous

ڀارت جي پِٽڪي مان ان جي شڪست نظر اچي رهي آهي: شيخ رشيد

Read Next

وزيراعظم جي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي سخت قدم کڻڻ جي هدايت

Most Popular