وزيراعظم جي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي سخت قدم کڻڻ جي هدايت

عمران خان

وزيراعظم عمران خان عورتن جي تحفظ ۽ کين هراسان ڪرڻ جي واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس لاهور ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق ملڪ ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني ملاقات ڪئي، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار به اتي موجود هو.

ان موقعي تي وزيراعظم کي صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، عورتن جي تحفظ، قبضا مافيا ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.

Read Previous

اقتصادي رابطه ڪميٽي ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سوئي سدرن گئس ڪمپني ٻه هزار ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو

Most Popular