سوئي سدرن گئس ڪمپني ٻه هزار ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو

سوئي سدرن گئس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 2 هزار ملازمن کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ  جي فيصلي جي روشني ۾ 2 هزار ملازمن کي نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو آهي. ان ملازمن مان 1600 جونيئر رينڪ مزدور، ڊرائيور ۽ ٻيو اسٽاف جڏهن ته 400 آفيسر به شامل آهن.

هوڏانهن ملازمن پنهنجي برطرفي جي خلاف ايس ايس جي سي هيڊ آفيس جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو شروع ڪري ڏنو آهي. مظاهرين ايم ڊي ۽ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا آهن ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

Read Previous

وزيراعظم جي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن تي سخت قدم کڻڻ جي هدايت

Read Next

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي: رياض چانڊيو

Most Popular