تحريڪ انصاف حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ تقريب جاري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي قوم سان خطاب ڪندو.
تحريڪ انصاف حڪومت 25 جولاءِ 2018 تي عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿي هئي، جڏهن ته عمران خان 18 آگسٽ 2018 تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو هو.
هوڏانهن ن ليگ حڪومت تي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڀارتي ويب سائيٽ جون تصويرون استعمال ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو.