گھڻو وقت هڪ ئي جاءِ تي ويهڻ جا صحت لاءِ خطرناڪ نقصان

ڪينيڊين ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ڏينهن جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ ئي جاءِ تي ويٺل رهندا آهن ۽ گھمڻ ڦرڻ يا جسماني ورزش کان لنوائيندا آهن، انهن ۾ فالج جو خطرو به ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

رسرچ جرنل ”اسٽروڪ“ جي تازي پڌرائيءَ ۾ ڇپيل تحقيق ڪينيڊا ۾ 2000 کان 2012 تائين جاري رهندڙ سرڪاري سروي جي بنياد تي ڪئي وئي جيڪا عوامي صحت جي حوالي سان هئي.

يونيورسٽي آف ڪيلگري، البرٽا جي ڊاڪٽر رائيڊ جوندي ۽ سندس ساٿين ڪينيڊين حڪومت جي ميڊيڪل ڊيٽا بيس جو جائزو ورتو ان سروي ۾ شريڪ 143،180 صحتمند ماڻهن جي مستقبل جي صحت بابت وڌيڪ ڄاڻ گڏ ڪئي ۽ ان جو تجزيو به ڪيو. اها اضافي ڄاڻ 2017 جي آخر تائين جي هئي.

ان جائزي مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو گھڻو آرام پسند يا دير تائين ويهي ڪتاب پڙهڻ، ٽي وي ڏسڻ، ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ جا عادي هئا، انهن ۾ فالج جو خطرو به وڌيڪ هو.

روزانو چار ڪلاڪن کان گھٽ وقت تائين هڪ ئي جاءِ تي ويهندڙن ۾ فالج جو خطرو سڀ کان گھٽ رهيو پر جيئن جيئن وقت وڌندو ويو، فالج جو خطرو به وڌيو.

فالج جو شديد ترين خطرو به سڀ سست ۽ آرام پسند ماڻهن ۾ ڏٺو ويو.

روزانو اٺ ڪلاڪ يا ان وڌيڪ دير تائين لاڳيتو ويهندڙن ۾ فالج جو خطرو، روزانو چار ڪلاڪ کان گھٽ ويهندڙن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا گھٽ هو!

رڳو اهو ئي نه پر آرام پسند ماڻهن تي 60 کان به گھٽ عمر ۾ فالج جو حملو ٿي سگھي ٿو.

واضح رهي ته ماهرن گذريل سال کان آرام پسندي ۽ سستي جي نقصانن کان خبردار ڪندا آيا آهن جڏهن ته هر نئين تحقيق سان چاڻايل نقصانن جي فهرست ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي. هيءَ تحقيق به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي.

Read Previous

ڇا ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لڳندو؟ اهم خبر

Read Next

”عمران خان وائکو ٿي چڪو، پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي“

Most Popular