”عمران خان وائکو ٿي چڪو، پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان عوام سامهون وائکو ٿي چڪو آهي، پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي.

پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جتي پ پ جي عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به موجود هئي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام دشمن پي ٽي آءِ حڪومت کي آئينو ڏيکاريو، پ پ ملڪ ۾ اپوزيشن جو مضبوط ۽ هڪ سگهارو آواز آهي

هن چيو ته سڄي ملڪ مان مختلف پارٽين جا سياسي اڳواڻ اسان سان رابطي ۾ آهن، عمران خان عوام سامهون وائکو ٿي چڪو آهي، پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي.

Read Previous

گھڻو وقت هڪ ئي جاءِ تي ويهڻ جا صحت لاءِ خطرناڪ نقصان

Read Next

اسڪول کُلي ويا، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular