اسڪول کُلي ويا، نوٽيفڪيشن جاري

ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان اسڪولن کي بند ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت به ٿيندي رهي آهي پر تنهن جي باوجود به هيل تائين حڪومت جي فيصلن تي عمل ٿيندو رهيو آهي.

ان حوالي سان سنڌ حڪومت 30 آگسٽ کان صوبي جا سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ 30 آگسٽ کان سمورا اسڪول کلي ويندا ۽ اسڪول 6 ڏينهن لاءِ کليل ئي رهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو ٻارڙا هڪ ڏينهن ايندا ۽ 50 سيڪڙو ٻارڙا ٻئي ڏينهن ايندا.

نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسڪولن جا سربراهه استادن ۽ ٻئي عملي جي ويڪسين کي 100 سيڪڙو يقيني بڻائين.

Read Previous

”عمران خان وائکو ٿي چڪو، پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي“

Read Next

فيڪٽري ۾ باهه واقعو ڪيئن پيش آيو؟، وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular