فيڪٽري ۾ باهه واقعو ڪيئن پيش آيو؟، وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي جي ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کان فيڪٽري ۾ باهه جي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير واسطيدار اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي؟ فيڪٽري ۾ احتياط ۽ سيفٽي جا ڪهڙا انتظام هئا؟ مراد علي شاهه اختيارين کان اهو به پڇاڻو ڪيو ته ايڏو وڏو جاني نقصان ڪيئن ٿي ويو؟

سيد مراد علي شاهه فيڪٽري سانحي جي وارثن جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته زخمين جو مڪمل علاج ڪيو وڃي ۽ انهن جي علاج ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.

Read Previous

اسڪول کُلي ويا، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

ڪراچي ۾ فيڪٽريءَ کي باهه، 17مزدور سڙي فوت

Most Popular