ڪراچي ۾ فيڪٽريءَ کي باهه، 17مزدور سڙي فوت

ڪورنگي مهراڻ ٽائن ۾ ڪيميڪل فيٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 مزدور سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته فائر برگيڊ جا ٻه اهلڪار به زخمي ٿيا آهن.

ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ موجود ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي شدت اختياري ڪري ورتي، واقعي جي اطلاع تي فائر برگيڊ عملو فيڪٽري پهتو ۽ باهه وسائڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون پر باهه ايتري ته شديد هئي جو فائر برگيڊ اختيارين باهه کي ٽين درجي جي قرار ڏيندي سموري شهر مان فائر ٽينڊرز کي طلب ڪري ورتو.

فائر برگيڊ اختيارين موجب فيڪٽري جي اندر ڪيترائي مزدور ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته فيڪٽري جي اندر دونهون ڀرجي وڃڻ سبب وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري فيڪٽري جون ڀتيون ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري مان هن وقت تائين 13  مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته زخمين مان 4 فوت ٿي چڪا آهن، فيڪٽري ۾ دونهين سبب اندر وڃڻ ممڪن نه آهي جڏهن ته 2 فائر فائيٽرز به ڪارروائي دوران عمارت تان ڪرڻ سان زخمي ٿيا آهن.

Read Previous

فيڪٽري ۾ باهه واقعو ڪيئن پيش آيو؟، وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

Read Next

ڪابل ڌماڪا، فوتين جو انگ 90 ٿي ويو

Most Popular