ڪابل ڌماڪا، فوتين جو انگ 90 ٿي ويو

گذريل ڏينهن ڪابل جي احمد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي گيٽ ٻاهران هڪٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ٿيا هئا.

ڌماڪن سبب موقعي تي ئي 13 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته آمريڪا اهلڪارن سميت ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا هئا.

واقعي ۾ زخمين کي ويجهي اسپتالن دانهن منتقل ڪيو ويو هو، جن مان ڪيترن جي ئي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.

گذريل رات کان هن وقت تائين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان 87 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا آهن جنهن سبب هن وقت تائين فوت ٿيلن جو انگ 90 ٿي ويو آهي.

غير ملڪي ميڊيا موجب ڌماڪن ۾ 140 ماڻهو زخمي آهن جڏهن ته مارجي ويلن ۾ 13 آمريڪي فوجي به شامل آهن.

افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، زخمين کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم داعش قبول ڪري ورتي آهي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو آهي ته ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پڄايو ويندو.

واضح رهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا خميس جي ڏينهن ئي دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ جي ويجهو اچڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

Read Previous

ڪراچي ۾ فيڪٽريءَ کي باهه، 17مزدور سڙي فوت

Read Next

ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪا، داعش تي حملن جا حڪم

Most Popular