واٽس ايپ محدود، هر ماڻهو لاءِ سهولت ختم

واٽس ايپ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ميسيجنگ ايپ آهي، جنهن جي ذريعي سولائي سان تصويرون، وڊيو، ڊاڪيومينٽ، آڊيو فيچر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هڪٻئي سان شيئر ڪري سگهبو آهي.

وقتن به وقت واٽس ۾ سهولتن جي واڌ ٿيندي رهي آهي جنهن جي ڪري ان جي واهپيدارن کي وڌيڪ سولايون ڏنيون وينديون آهن.

تنهن هوندي به هن ڀيري ڪمپني فيصلو ڪيو آهي ته اها ايپ هر ڪنهن جي استعمال لاءِ ميسر نه ڪئي ويندي.

واٽس ايپ 2020 جي آخر ۾ ڪروڙين اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس موبائل فونن لاءِ سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي.

ان موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته آءِ او ايس 9 کان اڳ واري آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ آءِ فون لاءِ واٽس ايپ ختم ڪئي وڃي ٿي.

وري ڳالهه ڪجي اينڊرائيڊ فونز جي ته اينڊرائيڊ 4.0.3 کان اڳ واري فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي وئي هئي.

تنهن هوندي به هاڻي ڪمپني پهرين نومبر کان پراڻي آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندڙ وڌيڪ فونز لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ پنهنجي ايف اي ڪيو پيج ۾ ٻڌايو آهي ته آءِ او ايس 9 تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ سپورٽ ختم ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ايترو ظلم ڪيو جيترو سَهي سگهو: بلاول جي حڪومت کي وارننگ

Read Next

تعليمي ادارا کُلندي ئي سردار شاهه وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

Most Popular