ايترو ظلم ڪيو جيترو سَهي سگهو: بلاول جي حڪومت کي وارننگ

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هيءَ تحريڪ انصاف جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، جيالا تيار ٿي وڃن، پنهنجي جدوجهد ڪن.

سکر ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا هن نااهل حڪومت جو مقابلو ڪري رهي آهي، اسان نه ڪالهه پاڪستان جي عوام کي مصيبت ۾ ننڌڻڪو ڇڏيو هو ۽ نه اڄ ڇڏينداسين.

هن چيو وفاقي حڪومت کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ايترو ظلم ڪيو جيترو سَهي سگهو، نيازي صاحب ٻڌايو ڪيترا ڏينهن جيل ۾ رهي ٿا سگهو؟ تمام جلد جيالن جو دور اچي رهيو آهي، سِرَ جو جواب پٿر سان ڏينداسين، جيالا تيار ٿي وڃن، جدوجهد ڪن.

Read Previous

بابر اعظم به عمران خان جي نقشِ قدم تي هلڻ جو خواهشمند

Read Next

واٽس ايپ محدود، هر ماڻهو لاءِ سهولت ختم

Most Popular