تعليمي ادارا کُلندي ئي سردار شاهه وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

سنڌ ۾ بند تعليمي ادارا اڄ کان ٻيهر کُلي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه تعليمي ادارا کلندي ئي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو دورو ڪيو.

ڪورونا وائرس جي روڪٿام سنڌ حڪومت 23 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو فيصلو ملتوي ڪندي تعليمي ادارا وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ اڄ کان تعليمي ادارا ٻيهر کُلي ويا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:  سردار شاهه اسڪول نه کولڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه اڄ صبح ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو دورو ڪيو ۽ ايس او پيز جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي سردار شاهه چيو ته منهنجي نڪرڻ جو مقصد تعليمي اداران ۾ ايس او پيز تي عمل، ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ۽ حاضري چيڪ ڪرڻ هو.

هن اڳتي اسڪول بند نه ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته ڪورونا وبا سان گڏ رهڻو آهي ته رويو بهتر ڪري هلڻو پوندو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪندي تعليمي سلسلو جاري رکيو ويندو، هاڻ اسان کي اسڪول بند ناهن ڪرڻا پر هلائڻا آهن.

Read Previous

واٽس ايپ محدود، هر ماڻهو لاءِ سهولت ختم

Read Next

”سپريم ڪورٽ ڪو ڪسينو ناهي جو نيب ملازم ان تي حملو ڪن“

Most Popular