احمد مسعود هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ وڏو شرط رکي ڇڏيو

پنجشير ۾ افغان مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ احمد مسعود چيو آهي ته جيڪڏهن طالبان طاقت جي ورهاست جي مهاهدي تي راضي ٿي وڃي ته هو مزاحمت ختم ڪري ڇڏيندا.

احمد مسعود 1980 جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين جي خلاف وڙهندڙ ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جو پٽ اهي جيڪو ڪابل جي اتر ۾ موجود وادي پنجشير ۾ موجود آهي.

فارن پاليسي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي احمد مسعود واضح ڪيو ته امن جو مطلب اهو ناهي ته هو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ افغانستان ۾ ناانصاف ۽ اڻ برابري کي جاري رهڻ ڏين، جيڪڏهن طالبان طاقت ورهاست جي معاهدي تي پهچڻ لاءِ تيار آهن.

هڪ ٻئي انٽرويو دوران احمد مسعود چيو ته ان سان گھٽ کان به شيءِ اسان لاءِ قبول ڪرڻ جهڙي نه هوندي ۽ جيستائين اسان انصاف، برابري ۽ آزادي هاصل نٿا ڪيون اسان پنهنجي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکنداسين.

Read Previous

نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پاڪستان دوري جي اجازت ملي وئي

Read Next

ڏکڻ وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، اهلڪار شهيد

Most Popular