ڏکڻ وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، اهلڪار شهيد

ڏکڻ وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪو آسمان منزا جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن دوران ٿيو جنهن ۾ 25 ورهين جو سپاهي واجد شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب سپاهي واجد جو واسطو خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ سان هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث هدشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو آهي.

Read Previous

احمد مسعود هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ وڏو شرط رکي ڇڏيو

Read Next

ايئرپورٽ تي سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي

Most Popular