نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پاڪستان دوري جي اجازت ملي وئي

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪيوي ميڊيا جي رپورٽن موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پنهنجي سيڪيورٽي ماهر جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪپتان ٽام ليٿم ڍاڪا مان زوم تي بيان ۾ چيو ته اسان کي رگ ڊيڪاسن جي رپورٽ تي يقين آهي.

ڪيوي قائد جو چوڻ هو ته رگ ڊيڪاسن نيوزيلينڊ لاءِ وڏي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي پيش ڪيل رپورٽ تي اطمينان آهي.

نيوزيلينڊ جي ميڊيا موجب بورڊ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم کي به پاڪستان جي دوري جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم 11 سيپٽمبر تي اسلام آباد پهچندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي کيڏيون وينديون، جڏهن ته 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 25، 26، 29 سيپٽمبر، پهرين ۽ ٽين آڪٽوبر تي کيڏيون وينديون.

ان حوالي سان گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو هو ته ڪمانڊ ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران 25 سيڪڙو تماشائين کي گرائونڊ اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

Read Previous

آمنا الياس نوجوان کي لَت وهائي ڪڍي

Read Next

احمد مسعود هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ وڏو شرط رکي ڇڏيو

Most Popular